اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بجيٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏ??و ويو آهي، ائين ممڪن نه آهي ته غريب ٽيڪس ڏي ۽ اشرافيه کي ٽيڪس م??اعتون ڏنيون وڃن، ترجيحي بنيادن تي ادارن ۾ سڌارن ۽ ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جي نجڪاري جي ??اء?? قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي عوام دوست بجيٽ 25 – 2024ع جي منظوري تي پذيرائي ڪئي آهي. وزيراعظم سان ناڻي واري وفاقي وزير قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ جي منظوري کانپوءِ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ناڻي واري وزارت، منصوبابندي واري وزارت، ايف بي آر ۽ سمورين لاڳاپيل وزارتن جي آفيسرن جي بجيٽ جي تياري جي ??اء?? ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته بجيٽ اجلاس ۾ حڪومت، اتحادي ميمبرن ۽ مخالف ڌر سڀني ڀرپور حصو ورتو، اميد ڪريون ٿا ته بجيٽ 25 – 2024ع پاڪستان ??ي ??اء?? ترقي ۽ خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته پوري ڪوشش ڪئي ته موجوده وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيون، بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي، پينشنرز ۽ مزدورن کي ريليف ڏنو، بجيٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو. هن چيو ته اشرافيه ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽيڪس ۾ آڻينداسين، ائين ممڪن نه آهي ته غريب ٽيڪس ڏي ۽ اشرافيه کي ٽيڪس م??اعتون ڏنيون وڃن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر شروع آهي، الحمدالله پاڪستان ??ي معيشت صحيح رخ طرف گامزن آهي. هن چيو ته حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، ترجيحي بنيادن تي ادارن ۾ سڌارن ۽ ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جي نجڪاري جي ??اء?? قدم کڻي رهيا آهيون.