اسلام آباد -06 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي 52هين اجل??س جي ايجنڊا طئي ٿي وئي آهي. جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم طرفان جوڙيل ڪميٽي جي اجل??س جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن واري وزير احد خان چيمه، قانون ۽ انصاف واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جي مشير راڻا ثناءُ الله خان شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وزارتن، پاور، پلاننگ، ڊولپمينٽ ۽ خصوصي قدمن، ناڻي، آبي وسيلن، پيٽ??ول??م، انساني حقن، مذهبي معاملن، بين المذاهب هم آهنگي، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ ايڇ آر ڊي ڊويزن جا وفاقي سيڪريٽري به موجود هئا. اجلاس ۾ ايجنڊا جي ڄاڻايل آئٽمز تي غور ويچار ڪيو ويو جڏهن ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ 52هين اجل??س جي ايجنڊا به طئي ڪ??ي وئي.