اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي جي دعوت تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جو عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري د??ري تي آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پ??يس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چي?? ته اقتصادي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ واپار واري وزير سان ملاقاتن ۾ پنهنجي د??ر ۾ کنيل قدمن ۽ سرگرمين سان گڏوگڏ تنظيم جي بحالي جي لاءِ پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. سيڪريٽري جنرل نوزيري 24 کان 26 جولاءِ تائين پنهنجي پاڪستان جي الوداعي د??ري تي آهي، هو ايندڙ مهيني پنهنجو مدو پورو ڪري رهيو آهي. ترجمان چي?? ته ايندڙ مهيني کان پاڪستان جو اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٽن سالن جي مدي لاءِ اي سي او جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀاليندو، سندس مقرري جي وزيرن واري ڪائونسل منظوري ڏني آهي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن هن سال مئي ۾ جاري ڪيو ويو هو.