اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ واري صورتحال تي بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس کي خط ۾ پا??ست??ن پاران مدد جي آڇ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته بنگلاديش ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ واري صورتحال تي دلي ڏک آهي، هِن ??ُک واري گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري پا??ست??ني قوم جون همدرديون بنگلاديشي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. هن چيو ته مشڪل وقت ۾ بنگلاديش ۽ بنگلاديشي شهرين جن جا پيارا ٻوڏ ۾ وڇڙي ويا، گهر ۽ روزگار تباهه ٿيا، سان گڏ بيٺل آهيون، بنگلاديشي عوام مشڪلات?? ۾ ??نهنجي حوصلي ۽ همت جي لاءِ سڃاڻي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته پراميد آهيان ته بنگلاديش توهان جي قيادت ۾ هن مشڪل مان جلد نڪري ايندو، پا??ست??ن هن مشڪل وقت ۾ هر طرح سان بنگلاديش جي مدد جي لاءِ تيار آهي.