اسلام آباد -11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آه??، ته اميد آه?? ته ڀارت ۾ ٿيندڙ مقابلن ۾ ياسر سلطان پاڪستان جو نالو روشن ڪندو، نوجوانن جي راندين جي سرپرستي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آه??. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي جيولين رانديگر ياسر سلطان سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب ياسر سلطان ڀارت ۾ رٿيل سائوٿ ايشين چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. هي چيمپيئن شپ 3 کان 5 آڪٽوبر تائين ٿيندي، راڻا مشهود احمد خان ياسر سلطان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اميد آه?? ته ڀارت ۾ ٿيندڙ مقابلن ۾ ياسر سلطان پاڪستان جو نالو روشن ڪندو، نوجوان رانديگرن جي سرپرستي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آه??. هن چيو ته رانديگرن کي سمورا وسيل?? ۽ ??هولتون فراهم ڪنداسين، ملڪ ۾ راندين جا ميدان آباد ڏسڻ چاهيون ٿا.