ڪوئيٽا – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچس??ان جي ڪجهه علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو. وفاقي گهرو وزير ۽ بلوچس??ان جي وڏي وزير سرفراز بگ??ي جي وچ ۾ ملاقات ٿي ۽ هنن امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪوئيٽا اچڻ تي صوبائي وزيرن اسفند يار ڪاڪڙ ۽ علي مدد جتڪ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي آجيان ڪئي. آءِ ج?? پوليس بلوچستان، ايڊيشنل گهرو چيف سيڪريٽري ۽ اعليٰ عملدار پڻ ايئرپورٽ تي موجود هئا. وزيراعليٰ هائوس اچڻ تي وڏي وزير سرفراز بگ??ي وفاقي گهرو وزير جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ بلوچس??ان ۾ امن امان ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير ۽ بلوچس??ان جي وڏي وزير دهشتگردي جي تازن واقعن جي پرزور مذمت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. وفاقي گهرو وزير ۽ بلوچس??ان جي وڏي وزير شهيدن جي خاندانن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته هي جنگ هر پاڪستاني جي جنگ آهي. وفاقي گهرو وزير يقين ڏياريو ته بلوچس??ان ۾ امن جي لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي. بلوچس??ان جي وڏي وزير سرفراز بگ??ي چيو ته امن امان يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻي رهيا آهيون، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا عنصر تخريبي ڪاررواين ۾ ملوث آهن. بعد ۾ بلوچس??ان جي وڏي وزير سرفراز بگ??ي ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ خصوصي اجلاس ٿيو. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ بلوچس??ان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن بابت بريفنگ ڏني وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي اڄ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ اسان بلوچس??ان حڪومت ۽ عوام جي سپورٽ جي لاءِ آيا آهيون. وفاقي حڪومت بلوچس??ان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ دهشتگردن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اجلاس ۾ بلوچس??ان جي چيف سيڪريٽري، ايڊيشنل گهرو چيف سيڪريٽري، انسپيڪٽر جنرل پوليس، آءِ ج?? فرنٽيئر ڪور نارٿ، آءِ ج?? فرنٽيئر ڪور سائوٿ، ڊي آءِ ج?? سي ٽي ڊي، ڊي آءِ ج?? اسپيشل برانچ، ڊي جي ليويز ۽ قانون لاڳوڪندڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.