اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڀارتي غيرقانوني ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قانونساز اسيمبلي جي چونڊن کي واضح طور تي رد ڪندي چيو آهي ته اهي چونڊون ڪشميري عوام جي ??ودمختياري جو نعم البدل نٿيون ٿي سگهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙيون چونڊون ڪشميري عوام جي لاءِ ناقابل قبول آهن ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها ڀارتي غيرقانوني ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني ح??ن جي ??لاف ورزين تي مودي حڪومت کي جوابده بڻائي. صدر زور ڏنو ته گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جي ??ق جي لاءِ راءِ شماري جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پ??يس ونگ موجب صدر 1989ع کان پاڪستان ۾ رهندڙ پناهگيرن جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو. وفد جي قيادت عزيز غزالي ڪري رهيو هو. وفد جي ??جيان ڪندي صدر ڀارتي غيرقانوني ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قانونساز اسيمبلي جي چونڊن جي مذمت ڪئي ۽ ان کي ڀارت جي وسيع تر حڪمت عملي جو حصو قرار ڏنو جنهن جو مقصد علائقي تي غيرقانوني ??بضي کي مضبوط ڪرڻ آهي. هن ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته اهڙي قسم جا قدم نه ته ڀارت جي قبضي کي قانوني ح??ثيت ڏئي سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪشميري عوام جي ??زادي جي ??دوجهد کي دٻائي سگهن ٿا. هن چيو ته ڀارت، ڀارتي غيرقانوني ??بضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن کي اقليت ۾ بدلائڻ ۽ انهن کي پنهنجي ??ي وطن ۾ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي ??قن جي لاءِ ڏنل قربانين جو قدر ڪري ٿو ۽ انهن سان يڪجهتي جاري رکندو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڪشميري عوام کي انهن جي ??ودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي ح??ايت فراهم ڪندو رهندو. وفد صدر کي ڀارتي غيرقانوني ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مودي حڪومت جي ??لمن کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني ??ڌي ته پوري ڪشميري قيادت کي ڪشميري عوام جو آواز دٻائڻ جي لاءِ قيد ڪيو ويو آهي. وفد صدر کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پناهگيرن جي مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارتي غيرقانوني ??بضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ??يرقانوني ??دمن ۽ ظلمن تي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پناهگيرن جي ??ماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ انهن جي مسئلن جي ??ل لاءِ پرعزم آهي. هن وفد کي يقين ڏياريو ته آزاد ڪشمير حڪومت کي چيو ويندو ته اها پناهگيرن جي لاءِ گذاره الائونس ۾ اضافو ڪري ۽ ٻيا امدادي قدم فراهم ڪري. هن يقين ڏياريو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ??ريعي پ??ڪستان 8 هزار پناهگير خاندانن کي سهولت فراهم ڪندو. وفد ڪشميري عوام جي لاءِ پاڪستان جي ??اري اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي ح??ايت تي صدر جا ٿورا مڃيا. وفد پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردار جي ڪردار ۽ ڪوششن کي پڻ ساراهيو جنهن پاڪستان جي ??ڳوڻي پ??ڏيهي وزير جي ??يثيت سان مختلف فورمز تي ڀارتي غيرقانوني ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??وام جي لاءِ ڀرپور حمايت ڪئي.