لنڊن -22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جلسن بدران عوام جي معاشي ??الت بهتر بڻائڻ جي ضرورت ??ي زور ڀريندي چيو آهي، ته انتشاري سياست رد ڪري عوام معاشي پاليسين ۾ بهتري کي ترجيح ڏني آهي، گارگند، انتشار ۽ فساد سان نه ئي معيشت بهتر ٿيندي ۽ نه ئي معاشرو، هر ??وب?? ۽ هر ادارو عوام جي مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙو اظهار هن ملڪ جي سياسي ۽ معاشي ??ورتحال تي پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ مان جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم چيو ته انتشاري سياست کي رد ڪري عوام معاشي پاليسين ۾ بهتري کي ترجيح ڏني آهي، عوام مهانگائي ۾ گهٽتائي، پنهنجي مسئلن جو حل ۽ معاشي ??هتري چاهي ٿو، جلسن لاءِ ميدان ڀرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران عوام جي معاشي ??الت بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته جلسا 2028ع ۾ ڪنداسين، هاڻي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻ جو وقت آهي، معاشي ??حالي سياسي استحڪام سان ڳنڍيل آهي، سياسي انتشار جو مطلب عوام کي رليف ڏيڻ جي عمل کي متاثر ڪرڻ آهي. هن چيو ته عوام سياسي استحڪام ۾ ڪردار ادا ڪري، معاشي ??رقي جي حمايت ڪئي آهي، سياسي استحڪام لاءِ قوم جو اتحاد پاڪستان جي روشن معاشي مستقبل ۽ مهانگائي کان نجات جي ضمانت ثابت ٿيندو. هن چيو ته معاشي چئلينجز، دهشتگردي کي م??هن ڏيڻ لاءِ سڄي قوم، سياسي پارٽيون، ادارا ۽ ??وب?? کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. سياسي افراتفري ۾ قوم ۽ ملڪ جو ڪيترو ئي وقت ضايع ٿي چڪو آهي، وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ ملڪ ۽ قوم جي م??اد ۾ ناهي، هن چيو ته وفاق سڀني ??وب?? سان گڏجي عوامي مسئلن جي حل، مهانگائي ۾ گهٽتائي، مساوي ترقي لاءِ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي پاليسي تي ڪاربند رهندو. الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته مهانگائي سنگل ڊجٽ ۾ واپس آئي آهي، معاشي ??التون بهتر ٿي رهيون آهن. روانگي واپار ۾ اضافو، روپئي جو مستحڪم ٿيڻ، پرڏيهي م??اسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو، وياج جي شرح گهٽجڻ. اهي سڀئي معاشي ??رقي جا واضح ثبوت آهن. وزيراعظم چيو ته اسان سڀني جو اصل هدف اهو هجڻ گهرجي ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هجي ۽ اها ئي اصل ڪاميابي هوندي.