راولپنڊي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس تعليمي ادارن ۾ منشيات جي فراهمي خلاف پنجن ڪاررواين دوران 94 لک روپين جي ماليت جي منشيات هٿ ڪري 4 جو??بدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف هيڊڪوارٽر راولپنڊي مان جاري ڪيل رپورٽ موجب رنگ روڊ پشاور تي حي??ت آباد ٽول پلازه ويجهو جو??بدارن وٽان 1500 نشي جون گوريون هٿ ڪيون ويون، جڏهن ته ايبٽ آباد ۾ مر?? روڊ تي موٽرسائيڪل سوار جي قبضي مان 500 گرام چرس هٿ آيو آهي. هوڏانهن ٽنڊوڄام حي??رآباد ۾ يونيورسٽي ويجهو موٽرسائيڪل سوار وٽ??ن 7 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جو??بدارن تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. رپورٽ موجب ٻين ڪاررواين ۾ موٽر وي ٽول پلازه ويجهو گاڏي مان 12 ڪلوگرام چرس هٿ آيو آهي، جڏهن ته هڪ جو??بدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اوڪزئي ۾ افغان ڪئمپ ويجهو بيٺل موٽرسائيڪل مان 24 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. اي اين ايف جي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جو??بدارن خلاف منشيات جي روڪٿام واري ايڪٽ موجب ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.