اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي گادي واري هنڌ کي دلڪش، دل لڀائيندڙ ۽ رنگ برنگي بتين سان سجايو ويو، جنهن سان شهر جو قدرتي حسن ٻيڻو ٿي ويو. سي ڊي اي شهر جي اهم هنڌن، رستن ۽ چونڪن کي ٿري ڊي لائيٽن سان سجايو. شاهراه دستور، سرينا چوڪ ۽ راول ڊيم چوڪ جهڙن اهم علائقن ۾ عمارتن ۽ يادگارن کي خوبصورت گلن سان سجايو ويو جيڪو پاڪستان جي شاندار ثقافتي ورثي ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي اتحاد جي ڀرپور عڪاسي ڪري ره??و آهي. دل کي وڻندڙ سجاوٽ سان ڄاڻايل هنڌ هڪ شاندار منظر پيش ڪري ره??ا هئا. خوبصورت منظر ڏسندڙ شهري ڄاڻايل روشنين ۽ گلن جي ڊيزائن م??ن م??و وٺندا ره??ا جيڪي جديد ٽيڪنالاجي ۽ روايتي جماليات جو حسين منظر ڏئي ره??ا هئا. رستن ۽ پلن کان وٺي عمارتن تي وڏي پئماني تي اسلام آباد کي سربراهه اجلاس جي شان م??ابق روشنين ۽ ڀرپور سجاوٽ ذريعي خوبصورت شهر ۾ تبديل ڪيو ويو. اسلام آباد خوبصورت روشنين سان چمڪي ره??و هو، هي خوبصورتي عالمي اڳواڻن جي ميزباني لاءِ پاڪستان جي عزم جي به عڪاسي ڪري ٿي. ان سربراهي اجلاس ۾ علائقائي سلامتي، اقتصادي تعاون ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا جهڙن اهم معاملن تي ??يا?? ڏنو ويو. اسلام آباد ۾ وفدن جي شاندار استقبال لاءِ سي ڊي اي خاص انتظام ڪيا جن ۾ پاڪستان جي مهمان نوازي ۽ عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سندن چاهه ۽ عزم جي جهلڪ نظر اچي ٿي.