اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پا??ستان ۽ ڪو??يا جي وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا ۽ گڏيل لاڳاپن جي فروغ جي ڏس ۾ پا?? ڪو??يا ڪلچرل گالا جو اهتمام ڪيو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ پا??ستان ۾ ڪو??يا جي سفارتخاني ان ثقافتي ميلي جو اهتمام ڪيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم يوٿ پروگرام جو ??يئ??مين راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز ۽ ڪو??يا جو سفير موجود هئا. ڪلچرل گال?? دوران ٻنهي ملڪن جي فنڪارن پنهنجي فن جو شاندار مظاهرو ڪيو. پا??ستاني فنڪارن بلال سعيد، نتاشا بيگ، عزير جسوال ۽ خماريان ميوزڪ بينڊ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته ڪو??يا پاران ڪڪي وانگ تيڪوانڊو ٽيم ۽ ٻين فنڪارن جي پرفارمنس ڪلچرل گالا کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. حاضرين فنڪارن جي پرفارمنس مان ??رپ??ر محظوظ ٿيا ۽ دل کولي داد ڏني. ڪلچرل گالا ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.