اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي)س??ني?? چيئرمين سيد ??وسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسپيڪر ويلنٽينا مٽوي??يڪ?? جي پاڪستان جي دوري سان پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا. س??ني?? سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب انهن خيالن جو اظهار هن روسي فيڊريشن جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽينا مٽوي??يڪ?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن گذريل ڏينهن وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي، معاشي، واپاري ۽ پارلياماني لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي س??ني?? چيئرمين چيو ته ويلنٽينا مٽوي??يڪ?? جي پاڪستان دوري سان پاڪسان ۽ روس جي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا. سندس دوري سان علائقائي امن، ترقي ۽ خوشحالي کي به سگهه ملندي. سيد ??وسف رضا گيلاني 2010ع ۾ پنهنجي روس جي دوري دوران صدر ولادي مير پيوٽن سان پنهنجي ملاقات ۽ اُن وقت ٿيل معاهدن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جي تيل ۽ گئس جي شعبن سميت انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ روس جي معاونت کي ساراهيون ٿا. پاڪستان جي س??ني?? ۾ هڪ اثرائتو پاڪستان – روس دوستي گروپ جوڙيو ويو آهي. عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ عوامي نمائندا بهترين رهنمائي فراهم ڪري سگهن ٿا. سيد ??وسف رضا گيلاني چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود واپاري ڳاڻيٽي کي اڃا وڌائڻ سميت، مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ نوان موقعا ڳولهڻ جي ضرورت آهي. نارٿ-سائوٿ ٽرانسپورٽ راهداري تمام اهم آهي. ان موقعي تي اسپيڪر ويلنٽينا مٽوي??يڪ?? س??ني?? چيئرمين پاران شاندار استقبال تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته روس پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان سان واپاري، اقتصادي، سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي سميت مختلف شعبن وچ ۾ سهڪار کي به ??ٿي ڏني ويندي. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته پارلياماني لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سان نه رڳو ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي پر عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ به مد?? ملندي.