لاهور -10 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ گذريل ڏينهن پنهنجي تڪ اين اي 127 ۾ مصروف ڏينهن گذاريو. وفاقي وزير جوهر ٽائون ۾ ليگي اڳواڻ سهيل ستار جي پٽ جي وليمي جي دعوت ۾ ويو ۽ کيس پٽ جي شادي تي مبارڪون ڏنيون. هن نئين پرڻيل جوڙي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ?? ساڻن گڏ گروپ فوٽو پڻ ڪڍايو. جنهن بعد هو يو سي 239 ٽائون شپ ۾ سعديه ملڪ جي گهر ويو ?? ساڻس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ م??حومه کي جنت الفردوس م اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي. بعد ۾ وفاقي وزير ٽائون شپ جي گرائونڊ ۾ فٽبال ميچ ڏسڻ ويو جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ڪيو. وفاقي وزير ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن سان هٿ ملايو ۽ سندن حوصلا افزائي ڪئي. هن ڊي جي پي ايڇ اي کي پارڪ ۾ ضروري سهولتن جي فراهمي جا حڪم جاري ڪيا. ان کان پوءِ وفاقي وزير يو سي 233 ۾ شهباز جعفري جي رهائش??اه پهتو جتي هن ساڻس امڙ جي لاڏاڻي تي فاتهه خواني ڪئي ۽ ان جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وفاقي وزير آخر ۾ ميڊيا اينڪر پرسن پاڪستان ٽيلي ويزن عمر اسلام جي ڀاءُ جي وليمي واري دعوت ۾ شرڪت ڪئي ۽ جوڙي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ گروپ فوٽو ڪڍرايو. ان موقعي تي هن سياسي ۽ سماجي شخصيتن سان ب?? ملاقاتون ڪيون.