اسلام آ??اد-12 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ م??سم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌ رهڻ جو ا??ڪا?? آهي، جڏهن ته شام / رات ۾ گلگت بلتستان ۽ مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ جبلن تي هلڪي برفباري جو ا??ڪا?? آهي. خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۽ پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ سموگ/ ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ، جڏهن ته صبح ۽ ر??ت جي وقت ۾ سخت ڪوهيڙو پوڻ جو ا??ڪا?? آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ م??سم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌ رهي. پنجاب جا اڪثر علائقا سموگ/ ڪوهيڙي هيٺ رهيا، جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ڪاٽو 01 ۽ ڪلام ۾ 02 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.