اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) قومي اسيم??لي جو اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي روسي هم منصب روسي فيڊريشن جي اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين ??لوڊن ويا??سل??و ??ڪٽ??رووچ جي خصوصي دعوت تي ماسڪو جي سرڪاري دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته قومي اسيم??لي جو اسپيڪر ماسڪو ۾ ڊوما جي چيئرمين ??لوڊن ويا??سل??و ??ڪٽ??روچ، فيڊريشن ڪائونسل جي چيئرپرسن ويلنٽينا ماتو يينڪو، ڊوما جي وائيس چيئرمين اليگزينڊر باباڪوف ۽ مفتي اعظم جي ڪائونسل جي نائب چيئرمين دمير مقتدينوف سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. ترجمان چيو ته ان دوري جو مقصد پارلياماني مٽاسٽا جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي حڪومتن ۽ عوام جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سگهه ڏيڻ آهي. هن چيو ته ڊوما ۽ پاڪستان جي قومي اسيم??لي جي وچ ۾ پارلياماني تعاون ۽ مٽاسٽا کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان ايم او يو تي پڻ صحيحون ڪيون وينديون.