استنبول – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت وارو وفاقي وزير عطاءُ ال??ه تارڙ ٽن جي ڏينهن جي دوري تي استنبول پهچي ويو جتي هو اسٽريٽ ڪام سمٽ 2024ع (Stratcom Summit 2024) ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. استنبول ۾ پنهنجي قيام دوران اطلاعات وارو وفاقي وزير ترڪيه جي هيڊ آف ڪميونيڪيشنز پروفيسر فرحتين التون سان ملاقات ڪندو. اطلاعات وارو وفاقي وزير ٽي آر ٽي ورلڊ هيڊڪوارٽرز ۽ البي??ڪ ميڊيا گروپ جو پڻ دورو ڪندو. پنهنجي دوري دوران اطلاعات وارو وفاقي وزير ڊي جي انٽرنيشنل براڊ ڪاسٽ ۽ سي اي او البي??ڪ ميڊيا گروپ سان ملاقاتون پڻ ڪندو.