اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 2024ع جو سال ??اڪستان جي لاءِ شاندار ڪاميابين جو سال رهيو، معيشت کي پاڻڀرائيپ جي پٽڙي تي وجهندي 2025ع جي ??روعات تي مستحڪم، روشن ۽ خوشحال ??ستقبل جي لاءِ پرعزم آهيون، نئين عيسوي سال 2025ع جي ??روعات تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم پوري قوم ??ي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته 2025ع جو سج اسان جي ملڪ پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي نويد کڻي اڀري، نئين سال ۾ اسان گذريل سال جي پنهنجي ??نفرادي ۽ گڏيل زندگين جي ??لطين کي سڌاري هڪ نئين شروعات ڪريون ۽ هڪ نئين روشن مستقبل جي ??روعات ڪريون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئون دعاڳو آهيان ته 2024ع ۾ دنيا کي جن معاشي، سياسي ۽ امن امان جا بحران درپيش رهيا، نئين سال ۾ انهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مثبت اڳڀرائي ٿئي. هن چيو ته نئون سال ??اڪستان سميت پوري دنيا مان بک، جنگ، دهشتگردي، ڏوهن، فرقيواريت ۽ طبقاتي ورڇ جي ??اتمي جو سال ثابت ٿئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2024ع جو سال اسان جي پياري پاڪستان جي لاءِ شاندار ڪاميابين جو سال ??و، 2024ع دوران اسان جا معاشي انگ اکر بهتر ٿيا، عالمي مالياتي ادارن پاڪستان تي پنهنجي ??عتماد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سال 2024ع ۾ دوست ۽ ڀائر ملڪن سان اربين رپين جي ??يڙپڪاري جا معاهدا ٿيا ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن تي ڪم جي ??روعات ڪئي وئي. هن چيو ته اسان باضابطا طور تي قومي اقتصادي ٽرانسفارميشن پلان ”اڏار پاڪستان“ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اڏار پاڪستان اصل ۾ معيشت کي هڪ نئون رخ ڏيڻ، جامع ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ منهنجي ??ڪومت جو عزم آهي. وزيراعظم چيو ته هاڻي جڏهن ته اسان 2025ع ۾ داخل ٿي رهيا آهيون ۽ معيشت کي پاڻڀرائپ جي پٽڙي تي وجهي ڇڏيو آهي ته اڄ جي ڏينهن اسان هڪ مستحڪم، روشن ۽ خوشحال ??ستقبل جو عزم ڪريون ٿا. هن چيو ته 2024ع جو سال ??لسطين ۾ اسرائيلي ظلمن جي ??والي سان بدترين سال رهيو جنهن ۾ اسرائيلي قابض فوج ظلم جا ا??ي داستان لکيا جن جو مثال تازي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. اهڙي طرح ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اسان جا مظلوم ??ائر ۽ ڀينر ڀارتي قابض فوج جي ڏاڍ جو شڪار رهيا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته 2025ع ۾ فلسطين ۽ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير پنهنجي ??زادي جي ??دوجهد ۾ ڪامياب ٿئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2024ع ۾ اسان جي ??هادر سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ??لاف ڪاميابيون حاصل ڪيون، دهشتگردي جي ??لاف ان جنگ ۾ اسان جي ??يڪيورٽي فورسز جي ??هادر جوانن شهادت ماڻي، جن جون قربانيون قوم تاحيات ياد رکندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام جي ??خر ۾ چيو ته اچو! نئين سال جي ??روعات ۾ اسان اهو واعدو ڪريون ته هن ملڪ کي قائداعظم ۽ علامه اقبال جو پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، هن ملڪ جي ??فاظت ۽ تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو رت پگهر هڪ ڪنداسين. هن دعا ڪئي ته 2025ع اسان جي قوم جي لاءِ خوشقسمتي ۽ بي پناهه خوشين جو سال ??جي.