لاهور – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ٺهڻ وقت قائداعظم محمد علي جناح ٻه قومي نظريو پيش ڪ??و جيڪو حق ۽ سچ تي ٻڌل هو جڏهن ته گانڌي اکنڊ ڀارت جو نظريو پيش ڪ??و، اڄ هندستان تڪراري شهريت بل جي ذريعي اقليتن کي انهن جي برابري جي حق کان محروم ڪري پنهنجي ئي قائد گانڌي جي نظر??ي جي نفي ڪري ر??يو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل تحفظ ۽ برابري جا حق ڏئي قائداعظم محمد علي جناح جي نظريي کي سچ ثابت ڪري ڇڏيو، هو پاڪستان تحريڪ انصاف سينٽر پنجاب ريجن ۾ نئين چونڊيل ضلعي، تعلقي تنظيمن جي حلف برداري جي تق??يب کي خطاب ڪري ر??ي هئي.