اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) غربت جي خاتمي بابت وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ثاني?? نشتر چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪوورنا وائرس سبب بيروزگار ٿيندڙ ماڻهن جي لاءِ اسلام آباد ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام باضابطا شروع ڪري ڇڏيو، ڪورونا رليف فنڊ جي لاءِ هيستائين 3 ارب رپين کان وڌيڪ جمع ڪيا ويا آهن جڏهن ته 34 لک وڌيڪ درخواستون ??حساس ليبر پورٽل تحت ملي چڪيون ??هن. اها ڳالهه غربت جي خاتمي بابت وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ثاني?? نشتر وزيراعظم کي هڪ بريفنگ دوران ٻڌائي.