اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻ??اي?? ويو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان جي هدايتن جي روشني ۾ سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ 1227 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪيا ويا آهن. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو اعليٰ ??طح?? اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽرين پاران ??مارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان ??ازي صورت??ال?? ذاتي تحفظ جي اوزارن (پي پي ايز) ۽ ماسڪ جي فراهمي، ڪورونا وبا جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ اسپتالن ۾ ”ريمپ اپ پلان“ جو جائزو ورتو ويو. اين سي او سي کي ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻ??اي?? ويو ته ڪورونا وائرس جي مريضن جي بهتر علاج جي لاءِ وزيراعظم عمران ??ان جي هدايتن تي هيستائين سڄي ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ وڌيڪ 1227 بستر شامل ڪيا ويا آهن.