اسلام آباد – 08 آگسٽ (ا?? پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آ??ي ته انسانيت جي خ??مت اسان جومذهبي ۽ قومي فرض آهي ۽ الله جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. هن چيو ته انسانيت جي خ??مت ڪندڙ جو نالو سدائين زندهه رهي ٿو. هن چيو ته ٻين جي ڏک درد کي پنهنجو ڏک درد سمجهڻ ئي زندگي جو اصل مقصد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽائيگر ??ورس قائم ڪرڻ جي مناسبت سان ملڪي سطح تي ملهائجندڙ خاص ڏينهن جي موقعي تي ڪيو جيڪو 9 ??گسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ملهايو ويندو. اسپيڪر اسد قيصر ڪورونا وبا دوران ٽائيگر ??ورس جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ڪورونا وائرس وبا دوران ٽائيگر ??ورس رضاڪار ملڪ ۽ قوم جي خ??مت ڪري رهيا آهن جيڪي ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته ٽائيگر ??ورس جي مدد سان ملڪ کي هنگامي صورتحال ۾ پيش ايندڙ بحرانن مان ڪڍي سگهجي ٿو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان سڀ پنهنجي اندر انسانيت جي مدد ۽ خ??مت جو جذبو پيدا ڪري وٺون ته اسان هن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا.