اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان ملڪ ۾ س??احتي ماڳن جي فروغ ۽ تعمير ۽ ترقي لاءِ حڪمت عملي ۽ منصوبابندي جي فوري آغاز جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ مختلف قسم جي سياحت جي فروغ سان معاشي عمل ۾ تيز?? ايندي ۽ مقامي آبادين جي لاءِ نوڪرين ۽ روزگار جا موقع?? به ميسر ايندا. ان حوالي سان سرڪاري ملڪيتي عمارتن کي مثبت انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ به کنيل قدمن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ س??احت جي فروغ لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ بحري معاملن واري وزير سيد علي حيدر زيدي، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار آصف محمود، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.