اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان يوم عاشور 10 محرم الحرام 1442هه جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ??هي ته اڄ سڄي دنيا ۾ مسلمان جگر گوشه بتول رضه، نواسه خاتم النبيين صلعي الله عليه وعلي آله و اصحٰبه وسلم، امامِ عالي مقام حضرتِ امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي شهادتِ عظميٰ جي بي مثال ۽ لازوال قرباني جي ياد کي ت??زو ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ يوم عاشور مختلف لحاذن کان وڏي اهميت رکندڙ ??هي تنهن هوندي به تاريخ اسلام ۾ ان ڏينهن کي هڪ ڌار تڪريم ۽ بلندي ۽ خاص اهميت ۽ ان??راديت امام عالي مقام جي شهادت ۽ ڪربلا واقعه جي ڪري حاصل ٿي آهي، هن چيو ته ڪربلا جو اهو عظيم معرڪو جيڪو حق ۽ باطل ۾ ٿيو اهو اسان کي اها ڳالهه سمجهائي ٿو ته اسلام جي اعليٰ قدرن جي فروغ ۽ اصولن لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪرڻ ئي وڏي ڪاميابي آهي، وزيراعظم چيو ته جذبه شبيري مسلمانن جي ايمان ۽ يقين، سچائي ۽ اصول پسندي جي روايتن کي جلا بخشي ٿو، اهو اسلام جي ابدي پيغام ۽ جذبه قرباني جي لازوال ۽ روح پرور روايت جي آبياري جو سرچشمو به ??هي جنهن جو مثال انساني ت??ريخ ۾ مشڪل سان ملي ٿو.