اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته سينيٽر مشاهد ال??ه خان جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به نه ٿو ڀرجي سگهجي. سينيٽ ۾ سينيٽر مشاهد ال??ه خان جي لاڏاڻي تي سينيٽ جي تعزيتي سيشن ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي ساٿي جي لاڏاڻي تي سڀني کي ڏک آهي، هي ايوان هڪ خاندان وانگر آهي ۽ خاص طور تي اهڙو ميمبر جيڪو پنهنجي شخصيت ۽ ايوان جي ڪارروائي ۾ پنهنجي شرڪت ريعي متحرڪ ۽ فعال رهيو هجي ته ان جي کوٽ تمام گهڻي محسوس ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه چئي سگهجي ٿو، کيس شعر ۽ شاعري سان وڏو لڳاءُ هو. هن چيو ته موت برحق آهي. شبلي ف??از چيو ته زندگي ۾ اسان جيڪي سٺا ڪم ڪريون ٿا ۽ جيڪو اسان جو ??خلاق آهي، اهو ئي اسان جي سڃاڻپ آهي.