ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي اي ايف ايئر وار ڪاليج انسٽيٽيوٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، سندس آمد تي ايئر مارشل ??امر مسعود، ڊپٽي چيف آف دي ايئر اسٽاف (ٽريننگ) پاڪستان ايئر فورس سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪ??دي خاص مهمان ڊاڪٽر عارف علوي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو جنهن جي ڪري هو منصوبو رڪارڊ مدي ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي معيار مو??ب پ??اڻي تي پهتو. هن چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ دنيا ان ڳالهه جي گواه آهي ته اسان ڀارتي پائليٽ کي بنا ڪنهن دٻاءُ جي واپس موڪليو. پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي هن چيو ته 27 فيبروري 2019ع کانپوءِ پوري دنيا پي اي ايف جي پيشيوراڻي صلاحيتن جو عملي مظاهرو ڏٺو، صدر اداري جي مختلف شعبن جو دورو به ڪيو ۽ اتي مو??ود استادن ۽ عملي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي.