اسلام آباد -05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اڄ پورو پ??ڪس??ان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان پنهنجي غير متزلزل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيو آهي. يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي ??زيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير جو عوام گڏيل قومن جي منظور ٿيل حق خوداراديت جي جدوجهد ۾ ڀارتي غاصباڻي نظام کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير جو عوام ڀارت جي غيرقانوني قبضي مان آزادي واري پنهنجي خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ بي انتها جدوجهد ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪشميرين پنهنجي قربانين سان آزادي جي شمع کي جوت بخشي آهي. منهنجو يقين آهي ته سندن خواب جلد پورا ٿيندا.