اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) شا?? جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ 20 رڪني ميڊيڪل ۽ ريسڪيو ٽيمون امدادي سامان سان گڏ دمشق روانيون ڪري ڇڏيون. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب شا?? جي لاءِ موڪليل امدادي ٽيمن ۾ پمز مان 10 ڊاڪٽر، جڏهن ته سي ڊي اي جي 10 رڪني ريسڪيو ٽيم شا??ل آهي. ان کانسواءِ سرديءَ جي لاءِ 130 فيملي خيما ۽ 3966 ڪلوگرام دوائن تي ٻڌل امدادي کيپ به رواني ڪئي وئي آهي. شا?? جي لاءِ ٽيمن کي سيفران واري وفاقي وزير طلحيٰ محمود ۽ خصوصي صلاحڪار حامد حميد رخصت ڪيو. ريسڪيو ۽ ميڊيڪل ٽيمون پي آءِ اي جي خصوصي جهاز بوئنگ 777 جي ذريعي دمشق پهچنديون. ريسڪيو ٽيمون شا?? جي متاثر علائقن ۾ اربن سرچ اي??ڊ ريسڪي?? آپريشن ۾ حصو وٺنديون.