اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صدارتي ايوارڊ يافته ??ال??و??ري شاعر، اديب ۽ ڊراما نويس امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري تعزيتي بيان موجب صدر امجد اسلام امجد جي ادبي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪند?? چيو آهي ته اڄ پاڪستان هڪ وڏي شاعر ۽ اديب کان محروم ٿي ويو. هن چيو ته اردو ادب ۾ امجد اسلام امجد جو خال ڀرجي نٿو سگهجي، مرحوم فن جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ اردو ادب جي لاءِ سندس خدمتن کي ياد رکيو ويندو. صدر اردو زبان جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي ساراهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪند?? چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون گهرڀاتين سان گڏ آهن. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت نصيب فرمائي. هن مرحوم جي مغ??رت جي دعا ۽ وارثن جي صبر جميل جي لاءِ دعا ڪئي.