اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف زلزلي متاثرين سان يڪجهتي جي لاءِ 16 ۽ 17 فيبروري تي ترڪيه جو دورو ڪ??دو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انقره ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران دلي همدرديءَ جو اظهار ڪ??دو. وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ??مڪن تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائي??دو. وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ ا??نڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي متاثرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪ??دو. ڏکڻ ترڪيءَ ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ وزيراعظم 6 فيبروري تي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي هئي ۽ انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ هر ??مڪن مدد جي خاطري ڪرائي هئي. پاڪستا?? پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد جي لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اسان جا ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. ترڪيه ۾ 6 فيبروري تي تباهي آڻيندڙ زلزلي سان هزارين ماڻهو مارجي ويا.