اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خ??اهشمند آهي، پنجاب ۽ ڪيليفورنيا واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، تعليم سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي رياستي اسيمبلي جي ڪرس هولڊن جي قيادت ۾ 4 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪي??. و??د جي ٻين ميمبرن ۾ اسيمبلي ميمبر ايلوائس ريئس، مائيڪ گ??سن ۽ وينڊي ڪيريلو شامل هئا. ڪيليفورنيا جي اسيمبلي ميمبرن جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي وزيراعظم ??يو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو خ??اهشمند آهي. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان ۽ آمريڪا گذريل سال سفارتي ??اڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائي. ان پس منظر ۾ 9 جنوري 2023ع تي ڪيليفورنيا ۽ پنجاب جي وچ ۾ ”سسٽر اسٽيٽ ريزوليوشن“ تي صحيحون هڪ خوش آئنده اڳڀرائي آهي. پنجاب ۽ ڪيليفورنيا گڏيل دلچسپي جي شعبن بشمول واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، تعليم ۽ ثقافتي ??ٽاسٽا ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم عوام سان عوام جي رابطي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پاڪستاني ڄائي آمريڪين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڪرس هولڊن وفد جي مهمان نوازي تي ??زيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.