اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وفاقي حڪومت اخبارن ۽ رسالن کي هدايت ڪئي آهي ته ??رآ?? پاڪ جي تعظيم کي سختي سان ممڪن بڻايو وڃي، ??رآ?? حڪيم جي ڪنهن نسخي يا اقتباس جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي جي سزا عمر قيد آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پبليڪيشنز کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته اخبارن ۾ شايع ٿيڻ کانپ??ءِ ??رآ??ي آيتن ۽ انهن جي ترجمن جي بي حرمتي ٿئي ٿي جيڪا انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي ۽ اهو عمل ??رآ?? مجيد جي بي حرمتي بابت ڏوهن بابت موجود قانونن جي خلاف ورزي به آهي. پاڪستان پينل ڪوڊ 295 پي ڪي شق XV جو حوالو ڏيندي خط ۾ چيو ويو آهي ته ??رآ?? پاڪ جي نسخي يا ان جي ڪنهن به اقتباس جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي ڪرڻ يا ان کي ڪنهن توهين آميز طريقي يا ڪنهن غيرقانوني مقصد جي لاءِ استعمال ڪرڻ ڏوهه آهي جنهن جي سزا عمر قيد آهي. اطلاعات واري وزارت اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي درخواست ڪئي آهي ته اخبارن ۽ رسالن ۾ ??رآ?? پاڪ ۽ حديث نبوي ﷺجي حرمت، مقدس هستين جي اسمن ۽ م??دس جاين جي تصويرن جي تحفظ جي حوالي سان رهنما اصولي جاري ڪيا وڃن جنهن جي جواب ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جيڪو هڪ آئيني اداري هجڻ سان گڏ حڪومت ۽ پارليامينٽ کي اسلامي مسئلن تي قانوني مشورو ڏيڻ جو ذميوار ادارو آهي، دليل ڏني آهي ته اشتهارن ۾ ??رآ??ي آيتن ۽ م??دس نالن کي شايع ڪرڻ ۾ ڪو حرج نه آهي ڇو ته ان جو مقصد عوام تائين معلومات کي پهچائڻ آهي. اسلامي نظرياتي حڪومت تي زور ڏنو ته اها اخبارن ۽ اشتهارن ۾ شايع ٿيندڙ مقدس مواد جي تعظيم کي يقيني بڻائي ۽ عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي، ان ڏس ۾ پ??يس انفارميشن ڊپارٽمينٽ آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي (اي پي اين ايس)?? ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن سان اجلاس منعقد ڪيا ته جيئن ميڊيا نمائندن کي ان حوالي سان آگاهه ڪري سگهجي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي رهنما اصولن کي نظر ۾ رکندي اطلاعات واري وزارت سمورين اخبارن ۽ رسالن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اخبارن ۽ رسالن ۾ مقدس صحيفن ۽ م??دس مواد جي تحفظ ۽ احترام کي يقيني بڻائين.