اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوانن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت انهن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي تعليم ۽ تدريس?? يونيورسٽي آف لنڊن جي پرووائيس چانسلر پروفيس?? ميري ستياسني ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ پروفيس?? ميري ستياسني يونيورسٽي آف لنڊن جي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم يونيورسٽي آف لنڊن جي انهن قدمن کي ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. حڪومت ملڪ جي نوجوانن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت يونيورسٽين ۾ باصلاحيت ??وجوانن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪري انهن کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪري رهي آهي. پروفيس?? ميري ستياسني جي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.