اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل ا??رحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مولانا فضل ا??رحمان وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل جي پارليامينٽ مان منظوري تي مبارڪباد ڏني. هن وزيراعظم کي اتحادين پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.