اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) ??فغ??نستان جي پاڙيسري ملڪن جي ازبڪستان جي شهر ثمرقند ۾ چوٿين وزارتي ڪانفرنس پنهنجي اجلاس ۾ پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي ته ??فغ??نستان ۾ دهشتگرد گروهن جي موجودگي علائقائي امن جي لاءِ مسلسل خطري جو سبب آهي، ان موقف جي پاڪستان ڊگهي عرصي کان وڪالت ڪندو رهيو آهي. اجلاس دوران ڌرين نشاندهي ڪئي ته سمورا دهشتگرد گروهه يعني دولت اسلامه عراق ۽ شام (آءِايس آءِ ايل)، القاعده، ايسٽرن ترڪستان اسلامڪ موومينٽ (اي ٽي آئي ايم)، تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي)، بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي)، جندالله، جيش العدل، جماعت انصارالله، ازبڪستان جي اسلامي تحريڪ (آءِ ايم يو ۽ ??فغ??نستان ۾ موجود بين دهشتگرد تنظيمن علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي لاءِ بدستور سنگين خطرو بڻيل آهن. تازو ئي ريڊيو فري يورپ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته آمر??ڪا جي ??فغ??نستان سان پنهنجي فوجن جي انخلا کانپوءِ هن پنهنجي پٺيان 7 ارب ڊالر جو فوجي ساز ۽ سامان ۽ هٿيار ڇڏيا جنهن سان بعد ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ بلوچ عليحدگي پسند گروپس جي عسڪري صلاحيتن ۾ اضافو ٿيو. رپورٽ موجب آمر??ڪا پنهنجي پٺيان هٿيار ۽ اوزار ڇڏيا آهن جن ۾ باهه لڳائيندڙ هٿيار، ڪميونيڪشن گيئر، جيتوڻيڪ بڪتربند گاڏيون شامل آهن. ان اجلاس ۾ چين، ايران، پاڪستان، روس، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان جي پرڏيهي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پاڙيسري ملڪن جي اجلاس ۾ چيو ويو ته ??فغ??نستان ۾ دهشتگردي بابت سلامتي جي صورتحال اڃا به سنگين آهي ۽ انهن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ت??اون وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ دهشتگردي جي خلاف متحده محاذ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستان سدائين چيو آهي ته ??فغ??نستان جي موجوده صورتحال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به علائقائي يا عالمي ڪوششن جي ڪاميابي آءِ اي جي جي سنجيدگي سان مشروط رهندي ??ه جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ??فغ??ن سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي. طالبان جي قبضي کانپوءِ پاڪستان هڪ جامع سياسي ڍانچي جي قيام، اعتدال پسند ملڪي ۽ پرڏيهي پاليسين کي اختيار ڪرڻ ۽ نسلي گروهن، عورتن ۽ ٻارن سميت سمورن ??فغ??نين جي بنيادي حقن جي تحفظ تي زور ڏنو آهي. ??فغ??ن عملدارن کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ واضح قدم کڻڻا پوندا ته ??فغ??نستان ٻيهر ڪڏهن به دهشتگردي جي افزائش، محفوظ پناهگاهه يا ذريعي طور ڪم نه ڪري. دهشتگردي گڏيل دشمن آهي ۽ امن ۽ استحڪام گڏيل ذميواري آهي. پاڪستان سدائين چيو آهي ته ??فغ??نستان جي موجوده صورتحال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به علائقائي يا عالمي ڪوششن جي ڪاميابي آءِ اي جي جي سنجيدگي سان مشروط آهي ??ه جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ??فغ??ن سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي. ??فغ??نستان تي طالبان جي قبضي کانپوءِ کان پاڪستان هڪ جامع سياسي ڍانچي جي قيام، اعتدال پسند ملڪي ۽ پرڏيهي پاليسين کي اختيار ڪرڻ ۽ نسلي گروهن، عورتن ۽ ٻارن سميت سمورن ??فغ??نين جي بنيادي حقن جي تحفظ تي زور ڏنو. ??فغ??ن عملدارن کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ واضح قدم کڻڻا پوندا ??ه جيئن ??فغ??نستان ٻيهر ڪڏهن به دهشتگردي جي محفوظ پناهه يا ذريعي طور ڪم نه ڪري. سيڪيورٽي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته دهشتگردي گڏيل دشمن آهي ۽ امن ۽ استحڪام گڏيل ذميواري آهي، پاڪستان مخالف عنصرن تي لغام لڳائڻ ۽ ??فغ??ن سرزمين کي پاڪستان جي خلاف نه وڃڻ ڏيڻ جي لاءِ اي آءِ جي پاران ڪا به ڪارروائي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط ڪندي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جنهن اجلاس کي خطاب ڪيو، چيو ته اسان اهو سمجهون ٿا ته ??فغ??نستان مان دهشتگرد تنظيمن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ بنا فرق، ٺوس ۽ هڪ جهڙي انداز ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، عبوري ??فغ??ن حڪومت سان وسيع تر تعاون ۽ هم آهنگي اڃا به اهم آهي ۽ اهو ته اسان ان مقصد جي لاءِ پاڙيسري رياستن ۽ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت روزاني جي بنياد تي ??فغ??ن عوام جي زندگين کي نقصان پهچائي رهي آهي ۽ دهشتگرد تنظيمن پاران پاڙيسري رياستن ۽ خطي کي لاحق خطرن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.