اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪي معيشت ۾ بهتري ۽ استحڪام جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي ا?? ڳالهه تي زور ڏ??و آهي ته معيشت جي بهتري جا ثمر عام ماڻهو تائين جلد کان جلد پهچڻ گهرجن. هو هتي ملڪي معيشت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، مخدوم خسر?? بختيار، محمد حماد اظهر، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ ملڪي معيشت جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان معاشي نظم ۽ ضبط ۽ ملڪي قرضن جي بهتر انتظام جي حوالي سان معاسي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.