عاشق حسين ساند
سنڌ جي ثقافتي ۽ سياحتي شهر ٽنڊوآدم جي هنجورڻ ڍنڍ جي ڪناري قائم قديمي پاڙي جمن شاهه جتي جو هڪ ئي خاندان 7 پيڙهين لڳ ڀڳ 200 سالن کان ??ڪل ران (سجي) جو ڪاروبار ڪري دنيا ۾ نالو ڪمايو آهي، ٽنڊوآدم جي سجي جيڪا دنيا ۾ پنهنجي بهترين ذائقي سبب وڏي شوق سان کاڌي وڃي ٿي،
ان جو ڪاروبار ٽنڊوآدم جو هڪ ئي خاصخيلي خاندان ڪر?? رهيو آهي. 75 سال جي ڄمار رکندڙ سجي جو ڪاروبار ڪندڙ ماما غلام رسول خاصخيلي ۽ انور علي خاصخيلي ٻڌايو ته هو پنهنجي پڙ ڏاڏي کان ??ٺي اهو ڌنڌو ڪر?? رهيا آهن.
غلام رسول ٻڌايو ته 7 پيڙهين ۽ لڳ ڀڳ 200 سالن کان سندس خاندان ان ڪاروبار سان ??اڳيل آهي، هن ٻڌايو ته هو پاڻ جڏهن ٻاروتڻ جي عمر ۾ هو ته ان ??قت اها پڪل ران چار آنا وڪرو ٿيندي هئي، جڏهن ته هاڻي ان جو اگهه وڌندي وڌندي وڃي 1800 رپين کان 2000 رپين تائين پهتو آهي ۽ ان جو وزن سوا ڪلو کان ڏيڍ ڪلو تائين هجي ٿو جڏهن ته هن جي وڏن ان ڪم جي شروعات پنهنجي مرشد غوث بهاءُالحق جي گادي نشين جي چوڻ تي ڪئي. هن ٻڌايو ته هو جيڪا ران تيار ڪن ٿا اها نه رڳو سنڌ پر هندستان، ايران، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب اماراتن سميت نار جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ يورپي ملڪن ڏانهن پڻ وڏي شوق سان گهرائي وڃي ٿي. هن ٻڌايو ته سندس جواني واري عمر ۾ سعودي جي اڳوڻي بادشاهه شاهه فيصل سميت ڪيترائي عرب شهزادا پڻ اها ران گهرائيندا رهيا آهن، جڏهن ته اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ ه??ن جي تيار ڪيل ران ??ڏي انگ ۾ گهرائي وئي هئي. جڏهن ته صدر ايوب خان به هڪ ڀيرو اها ران کائن بعد ڪيترائي ڀيرا اها ران کاڌي ۽ کين اعزازي سرٽيفڪيٽ سان ??ڻ نوازيو هو. جڏهن ته سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام صادق علي خان جي فرزند ۽ اڳوڻي و??اقي وزير مرحوم ڄام معشوق علي خان جي شادي جي موقعي تي پڻ هزارن جي انگ ۾ اهي رانون گهرايون ويون هيون. ران جي تياري جي حوالي سان ??ڌائيندي غلام رسول خاصخيلي ٻڌايو ته سڀ کان اڳ ڇيلي (ٻڪر) جي چونڊ ڪئي و??ندي آهي ۽ 7 کان 8 ڪلو ۽ 5 کان 6 مهي??ن جي عمر واري ٻڪر کي ذبح ڪري ان ??ان ران تيار ڪئي وڃي ٿي ۽ ان سڄي ڇيلي مان 2 رانون (پويون ٽنگُون)، 2 دستيون (اڳيون ٽنگُون) ۽ هڪ ڪمر پچائي وڃي ٿي. ران جي تياري لاءِ سڀ کان ??هرئين سڪل ڪاٺين جي باهه ٻاري وڃي ٿي ۽ ڪچي ران کي بهتر نموني ڌوئي ان کي لوڻ هڻي ۽ 3 کان 4 ڪلاڪ پاڻي ۾ رکيو ويندو آهي ته جيئن اها لوڻ جذب ڪري و??ي. جنهن بعد ان کي تيل جو ڇنڊو هڻي چهنبدار ڪاٺي ۾ هڻي ٻريل باهه جي و??جهو پچڻ لاءِ رکيو ويندو آهي ۽ شروعاتي پچڻ لاءِ ان کي 3 کان 4 ڪلاڪن تائين ان ئي باهه جي تپش تي رکيو ويندو آهي جنهن بعد ان کي گيهه هڻي ٽانڊن جي تپش تي آخري مرحلي تحت پچايو ويندو آهي ۽ ان دوران ران کي ڇري سان چهڪ ڏئي ان تي ٻه ڀيرا گيهه جو ليپ ۽ مصالحو هنيو ويندو آهي پر جي ان سموري مرحلي ۾ تڪڙ کان ڪم ورتو ويو ته ان جي سواد ۾ گهٽتائي اچي و??ندي ۽ جي اها ران سچي گيهه ۾ تيار ڪئي وڃي ته ان جو ذائقو اڃا به وڌيڪ ٿي وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته ران ۾ استعمال ٿيندڙ مصالحو هو پاڻ تيار ڪندا آهن ۽ ان ۾ ڏاڙهون، دال چيني، ڪارا مرچ، ڦوٽا، اڇو جيرو، ڪارو جيرو ۽ ٻيو سامان استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته ران ??چڻ بعد ان کي ڪٽي ان تي ليمون هڻي کائيندڙ جي اڳيان رکي وڃي ٿي ۽ اها ڏهي جي رائتي سان ??ڌيڪ مزو ڏيندي آهي
جڏهن ته جي وري ٻاهر اماڻيندا آهيون ته ان کي پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۽ ڪلي ۾ پيڪ ڪيو ويندو آهي ته جيئان اها ڪافي ڪلاڪن تائين گرم رهي ۽ خاص طور تي 5 ڪلاڪن تائين اها پنهنجو مزو برقرار رکندي آهي. جڏهن ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪيترائي ماڻهون قرباني جي جانورن جو رانون کڻي ايندا آهن جيڪي اسان انهن کي مناسب اجوري تي پچائي ڏيندا آهيون. هن ٻڌايو ته دنيا ۾ تمام گهڻو مشهوري ملڻ بعد ملڪ جي ڪيترين ئي ناليوارين هوٽلن اسان کي پاڻ وٽ ڪم ڪرڻ لاءِ آڇون ڪيون پر اسان ??ميشه اهي آڇون ٺڪرائي ڇڏيون. هن ٻڌايو ته ڏينهون ڏينهن مهانگائي سبب هاڻي ان ڪاروبار ۾ به مزو ناه?? رهيو ڪمايون ٿا ۽ کائون ٿا هاڻي ان ??ان بچت سوچڻ وقت وڃائڻ برابر آهي.