اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي افتتاحي سيشن ۾ پنهنجي نوع??ت جي پهرين پاليسي ايڊوائيزري پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، اهو پورٽل 100 کان وڌيڪ ٿنڪ ٽينڪس، دانشورن ۽ ماهرن کي پاليسي سازي ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن تيار ڪيو آهي. ايڊوائيزري پورٽل جو افتتاح ڪندي وزيراعظم عمران خان ان قدم جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته پ??ڪس??ان جا نوجوان انتهائي باصلاحيت آهن پر انهن جو قدر نٿو ڪيو وڃي، هن چيو ته پورٽل جو قيام صح??ح رخ ۾ هڪ قدم آهي.