فيصل آباد – پهرين مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري مملڪتي وزير ميان فر?? حبيب چيو ??هي ته ڪورونا وبا سڄي دنيا جي ملڪن کي بري طرح متاثر ڪيو پر اسان ان دوران موثر پاليسيون جوڙيون ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي کي روزگار جي فر??همي جاري رکڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي وئي اهو ئي سبب آهي جو ڪورونا وبا دوران جتي عالمي سطح تي سموريون معاشي سرگرميون مفلوج ٿي ويون اتي پاڪستان ۾ صنعت ۽ واپار جو ڦيٿو هلندو رهيو ??ڏهن ته ٽيڪسٽائيل جي صنعت جي بحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي انقلابي قدم کنيا ويا جنهن سان سڌوسنئون روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو ۽ بيروزگاري ۾ گه??تا??ي ٿي، ٻئي طرف اربين رپين جي آسان قرضن جي فر??همي سان گڏوگڏ ريفنڊز جي رقم به ادا ڪئي وئي، ان کانسواءِ وزيراعظم عمران خان چونڊ سڌارن جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان مخالف ڌر کي آڇ ڪريون ٿا ته اها هر اليڪشن کانپوءِ ڌانلي جو گوڙ ڪرڻ بدران پارليامينٽ ۾ ويهي چونڊ سڌارن کي ي??يني بڻائي ته جيئن اهڙا چونڊ سڌارا آڻي سگهجن ۽ اي ووٽنگ جو طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن کي به هڪ ٻئي تي ڌانڌلي جو الزام لڳائڻ جو موقعو نه ملي سگهي. سرڪٽ هائوس فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ??ه احساس پروگرام ذريعي ملڪ ۾ سماجي تحفظ جو سڀ کان وڏو پروگرام شروع ڪيو ويو ۽ پهريون ڀيرو غربت جي سطح کان هيٺ زندگي گذاريندڙن کي ميرٽ تي مڪمل شفافيت سان مالي امداد جي فر??همي ي??يني بڻائي وئي.