جده – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته وزيراعظم عمران خان جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ان جي ڪابينا جا اهم ميمبر پڻ موجود هئا، منهنجي سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان پڻ ويهڪ ٿي آهي. وزيراعظم عمران خان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ٿيون جنهن سان سعود?? عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ اعليٰ سطحي ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪئي ويندي. سعود?? عرب پاڪستان کي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ مان 500 ملين ڊالر جي رقم فراهم ڪندو. سعود?? عرب کي ايندڙ 10 سالن دوران 10 ملين افرادي قوت گهربل ??وندي، ان گهربل ??رڪ فورس جو وڌيڪ حصو پاڪستان مان کنيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزير جد?? ۾ وزيراعظم جي سعود?? عرب جي دوري جي حوالي سان خصوصي ميڊيا ٽاڪ دوران ڪيو.