اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ سومر ڏينهن لاهور ۾ مياواڪي اربن فاريسٽ ??و افتتاح ڪندو. 10 ارب سونامي منصوبي تحت مون سون ۾ وڻڪاري جي لاءِ وزيراعظم دنيا جي سڀ کان وڏي مياواڪي فاريسٽ ??و افتتاح ڪرڻ جي لاءِ لاهور جو دورو ڪندو. اهو فاريسٽ 100 ڪينال تي ٺاهيو ويو آهي جڏهن ته ان ۾ هڪ لک 65 هزار ٻوٽا لڳايا وي??دا جيڪي منفرد مياواڪي ٽيڪنالاجي سان معمول جي وڻن جي مقابلي ۾ 10 ڀيرا جلد وڏا ٿيندڙ ٻوٽا آهن. شهري ٻيلا تيزي سان پوکڻ جي لاءِ مخ??وص زمين جي تياري سان گڏوگڏ مخ??لف قسمن کي مخ??لف واڌويجهه جي شرح سان استعمال ۾ آندو پيو وڃي. لاهور جي مخ??لف حصن ۾ مياواڪي جي 53 ٻيلن ??ي نشاندهي مخ??لف جاين تي ڪئي وئي آهي جنهن سان ڪاربن ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ شهري آلودگي ۾ گهٽتائي آڻي سگهبي. وزيراعظم عمران خان لاهور جي آلودگي کان پاڪ ۽ باغن جي شهر جي تجديد ۽ بحالي جي لاءِ پرعزم آهي. موجوده مون سون دوران سڄي ملڪ ۾ 50 ڪروڙ ٻوٽا لڳايا پيا وڃن جيڪا پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي وڻڪاري آهي.