اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي ?? وچولي درجي جو ڪاروبار ملڪي معيشت جي لاءِ تمام اهم آهي، ماضي ۾ ننڍين صنعتن کي نظرانداز ڪ??و ويو، ننڍي ڪاروبار ڪندڙن کي مراعتون ۽ سهولتون ڏنيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي ?? وچولي درجي جي ڪاروبار جي فروغ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، مخدوم خسرو بختيار، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. صنعت ۽ پيداوار ڊويزن واري سيڪريٽري اجلاس کي تجويز ڪيل ايس ايم ??يز پاليسي جي مقصدن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته ننڍي ?? وچولي درجي جو ڪاروبار پاڪستان جي ڪل جي ڊي پي جو 40 سيڪڙو حصو آهي، ٽيڪس جي مد ۾ تمام گهڻيون مراعتون ڏنيون پيون وڃن، ايس ايم ايز جي فروغ جي لاءِ ايڪشن پلان جي منطوري وفاقي ڪابينا اڳ ۾ ئي ڏئي چڪي اهي، اسٽيٽ بئنڪ جي نگراني هيٺ ننڍي ?? وچولي صنعتن کي قرض ڏنا ويندا، انفارميشن ٽي??نا??اجي جي شعبي سان واڳيل ڪاروبار تي خاص ڌيان ڏنو پ??و وڃي، سمورن حصيدارن سان تفصيلي رجوع ڪ??و ويو آهي ته جيئن پاليسي ۾ ڪنهن قسم جو جهول نه رهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ايس ايم ??يز ملڪي معيشت ۾ اهم ترين حيثيت رکندڙ آهي، ماضي ۾ ننڍين صنعتن کي نظرانداز ڪ??و ويو، اسان جي حڪومت جو ڌيان ننڍي صنعتن کي سهولتون ڏيڻ تي آهي. هن چيو ته ڪاروبار ۾ آسانين جي پاليسي تحت ننڍي ڪاروبار ڪندڙن کي مراعتون ۽ آسانيون ڏنيون وڃن. هن هدايت ڪئي ته تجويز ڪيل ايس ايم ??يز پاليسي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي.