اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفا?? ۾ ??هي، افغانستان جو هڪ ٺوس سياسي حل هتان جي ماڻهن جي ??قن جو تحفظ يقيني بڻائڻ جو بهترين رستو آهي، عالمي برادري افغان عوام جي معاشي مدد ۽ نئين سر تعمير ۾ ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم عمران خا?? سان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب اماراتن جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان دوران ٻنهي اڳواڻن گ??يل دلچسپي جي معاملن سان گ??وگڏ علائقائي اڳڀرائي خاص طور تي افغانستان جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي گڏيل عرب امارات سان پنهنجي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي اهميت جي عزم کي ورجايو. افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي وسيع تر مفا?? ۾ ??هي، افغانستان جي عوام جي ??قن جي تحفظ سان گ??وگڏ سلامتي ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ ج?? لاءِ اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو ٺوس سياسي حل هو. وزيراعظم عمران خا?? عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغان عوام جي معاشي مدد ڪرڻ ۽ ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ مدد ج?? لاءِ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ افغانستان جي معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آمده ايڪسپو 2020ع ج?? لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي ولي عهد کي مبارڪباد ڏني. هن ان ميگا ايونٽ جي ڪاميابي ج?? لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ ولي عهد گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ج?? لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.