اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعتي ??عبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ هنرمند افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽين ۽ تربيتي ??دارن طرفام مهارتن جي فراهمي سان ملڪ ۾ روزگار ??ا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ نمايان مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي (اين ايس يو) اسلام آباد جي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪن??ي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، اين ايس يو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد مختار ۽ مشاورتي ڪائونسل جي ميمبرن شرڪت ڪئي. وائيس چانسلر اجلاس کي هنر تي ٻڌل ۽ فني تعليم ڏيڻ ۾ اين ايس يو جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته مشاورتي ڪائونسل اين ايس يو جي تعليمي پروگرامن کي معلومات فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪن??ي ته جيئن تربيت ۽ مهارت جا ڪورسز ۽ تعليمي پروگرام انڊسٽري جي گهرجن ۽ گڏيل ضرورتن کي ٺوس بڻائي سگهجي. اجلاس کي خطاب ڪن??ي صدر اين ايس يو ۽ صنعتي ??عبي جي وچ ۾ رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو ته اين ايس يو ۽ صنعتي ??عبي جي وچ ۾ سهڪار ۽ حصيداري اهم آهي ڇو ته ان سان نوجوانن جي لاءِ مارڪيٽ ۾ مهارت ۽ روزگار ??ا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ملڪ جي صنعتي ??عبي کي هنرمند افرادي قوت جي کوٽ درپيش آهي، هن اين ايس يو ۽ ٻين فني تربيتي ??دارن تي ??ور ڏنو ته اهي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب ملازمت جي قابل گريجوئيٽ پيدا ڪن. صدر وڌيڪ ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته يونيورسٽي پاران پيش ڪيل تعليمي ۽ ٻين تربيتي ۽ هنرمندي جي پروگرامن بابت ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي.