اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت محدود وسيلن جي باوجود ڪورون?? جي وب?? جي دوران ڪا??وباري برادري ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪيو، واپارين کي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي ته جيئن بجيٽ جو خسارو گهٽ ۽ ترقياتي ڪمن جي لاءِ وڌيڪ فنڊز رکي سگهجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايل سي سي آءِ) جي هڪ وفد ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صدر ميان نعمان ڪبير جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته حڪومت واپارين کي مسقابقتي ۽ منصفاڻو ڪا??وباري ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته محدود وسيلن جي باوجود حڪومت ڪوويڊ 19 جي وب?? جي دوران ڪا??وباري برادري ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪيو. هن ايل سي سي آءِ تي زور ڏنو ته اها واپارين کي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن بجيٽ جي خساري کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ ترقياتي ڪمن جي لاءِ وڌيڪ فنڊز رکيا وڃن. وفد حڪومت جي معاشي ڪ??رڪردگي خاص طور تي اوڳاڙين جي وصولي ۽ پرڏيهي مٽاسٽ?? جي ناڻي ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي و??د جي ميمبرن صدر کي پنهنجي مسئلن کان به آگاهه ڪيو. صدر يقين ڏياريو ته انهن جي شڪايت جي ازالي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو.