اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??المي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني نو??وا??ن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام ڪمپنيون پاڪستاني نو??وا??ن جي تربيت سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي جي منتقلي به ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملٽي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز ڪمپني (وي آن) جي گروپ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪان ??رزيوگلو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ??اري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ا نوجوان ??نفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام ڪي مشهور عالمي ڪمپنين مان وڏو فائدو کڻي سگهن ٿا. پاڪستاني نو??وا??ن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن ۽ اسان پاڪستان ۾ ڪاروبار قائم ڪرڻ لاءِ عالمي ڪمپنين کي خوش آمديد چئون ٿا. وزيراعظم ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ نو??وا??ن جي تربيت تي زور ڏنو. وي آن جي سي اي او بگ ڊيٽا سلوشنز جي حوالي سان پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه، جاز جي سي اي او عامر ابراهيم به ملاقات ۾ موجود هئا.