اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان منافع خوري ۽ ذخيرو اندوزي ۾ ملوث عنصرن کي عوام دشمن قرار ڏيندي هدايت ڪئي آه?? ته اهڙن عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، مافياز سان گڏجي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن ۽ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڪ??يڪ ڊائون ۽ ق??نون موجب ڪارروائي ??ئي وڃي، ملڪ ۾ ضروري شين جي ڪا به کوٽ نه آه??، هن اها ڳالهه ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي ذخيري جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي دوران چئي. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته ربيع جي فصل لاءِ 6.6 ملين ميٽرڪ ٽن سرڪاري ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جو مناسب ذخيرو دستياب آه?? جيڪو ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ موزون آه??، سنڌ مان مليل انگن اکرن موجب فرٽيلائيزر ڪمپنيون هتي ڪجهه ڊيرلن کي اضافي اسٽاڪ ڏئي رهيون آه??، وزيراعظم چيو ته حڪومت فرٽيلائيزر انڊسٽري کي گئس تي 120 ارب روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آه?? جڏهن ته کين 100 ارب روپين جون ٽيڪس مراعتون ڏنيون پيون وڃن، فرٽيلائيزر ڪمپنين پاران مختلف علائقن ۾ مخصوص ڊيلرن کي اضافي فرٽيلائيزر فراهم ??ئي پئي وڃي، اهي اطلاع آه?? ته هتي ذخيرو اندوزي ٿي رهي آه??، اهو فرق ذخيرو اندوزي کي فائدو ڏئي رهيو آه?? جنهن جي ڪري هٿرادو کوٽ پيدا ٿي رهي آه??. وزيراعظم ان تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي هدايت ??ئي ته ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف فوري ڪريڪ ڊائون ۽ ق??نون موجب ڪارروائي ??ئي وڃي. وزيراعظم چيو ته کنڊ جي شعبي لاءِ متعارف ڪ??ايل ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي ڀاڻ جي صنعت لاءِ به استعمال ڪيو وڃي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت عوام دشمن ڏوهارين جي خلاف موثر قدم نه کنيا ته وفاقي حڪومت مداخلت ڪري سگهي ٿي، چو ته سنڌ حڪومت پاران ڪارروائي نه ڪرڻ سان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڀاڻ جون قيمتون ۽ فراهمي بري طرح متاثر ٿي رهي آه??، وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آبادگار دوست پاليسيون متعارف ڪ??ايون آه??، مافيا صارفين جي مفاد جو خيال رکڻ بدران منافع خوري ۾ مصروف آه??.