اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پاڪستان علائقائي ترقي، واپار، توانائي ۽ معيشت جي استحڪام لاءِ قطر سان ترجيح بنيادن تي حصيداري چاهي ٿو، تعليم جي شعبي ۾ 10 لک پاڪستاني ٻارن کي تعليمي سهولتون ف??اهم ڪرڻ تي قطري حڪومت ??ا ٿورائتا آهيون.
اسپيڪر سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن الفيصل الثاني پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏ??ل ??لچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪستان ڀائر اسلامي ملڪ قطر سان پارلياماني رابطن ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ??يڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان هڪ ٻئي جي تجربن مان ف??ئدو حاصل ڪري سگهون ٿا، قطر جي سفير چيو ته قطر پاڪستان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، قطر پاڪستان سان سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي، قطر 10 لک ٻارن کي تعليمي سهولتون ف??اهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو، هن چيو ته قطري فرمز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ??يڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا، پاڪستان ۾ اقتصادي ترقي جي لاءِ قطر هر ممڪن تعاون جاري رکندو، قطر ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪستاني قطر جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردارا دا ڪري رهيا آهن