اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مزدور ڪنهن به معاشري جي ت??قي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، اسان اسلام، پاڪستان جي آئين ۽ عالمي معيارن موجب مزدورن جي ڪم جي حالتن کي بهتر بڻائينداسين، اسان مزدورن ۽ انهن جا مسئلا هر سطح تي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. مزدورن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چ??و ته آئون مزدورن جي هن عالمي ڏينهن تي پاڪستان ۽ پوري دنيا جي مزدورن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. مزدورن جي ت??قي کانسواءِ دنيا جي حقيقي ت??قي اڌوري آهي. هن ڏينهن تي شڪاگو جي انهن مزدورن کي ياد ڪرڻ چاهيان ٿو جن جو?? قربانيون مزدورن جي حقن جي لاءِ هڪ عالمي تحريڪ بڻجي چڪي آهي. هن چ??و ته دنيا جي ت??قي پورهيتن جي محنت جو نتيجو آهي. مزدورن جي صحت ۽ حفاظت جي لاءِ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آئي آيل او) جو?? ڪوششون ساراهه جوڳيون ۽ انتهائي مناسب آهن. هن چ??و ته مزدور ۽ پورهيت جن ۾ پڙهيل لکيل، ناخوانده، هنرمند ۽ غيرهنرمند شامل آهن ڪنهن به ملڪ ۽ معاشري جي ت??قي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.