اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته معاشي طور تي خودمختيار ٿيڻ ل??ءِ ضرورتمندن جي مدد سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو، اخوت فائونڊيشن جي بنا وياج قرض واري سروس خاص طور تي ضرروتمند عورتن ل??ءِ واکاڻ جوڳي ۽ حوصلي واري آهي، عوام کي درپيش معاشي چ??لي??جز ل??ءِ اخوت فائونڊيشن جي تعا??ن ??ي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ اخوت فائونڊيشن جي باني ۽ چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ اخوت جي منصوبن کي ساراهيندي انهن شعبن ۾ اخوت جي دلچسپي کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اخوت گوجر خان ۾ پنهنجي خدمتن کي وڌائيندو ڇو ته گوجر خان ۾ تقريبن پنج هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو اخوت جي تعاون مان مستفيد ٿيا آهن، ه?? ايندڙ هفتي گوجر خان ۾ اخوت جي سيمينار ۾ شرڪت تي به آمادگي ظاهر ڪئي، اخوت فائونڊيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب اسپيڪر کي ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ ل??ءِ بنا وياج قرضن جي اسڪيمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن چيو ته اخوت پنهنجي خدمتن ۾ صحت، تعليم جي شعبي جو به آغاز ڪيو آهي، ه?? چيو ته تازو ئي اخوت چڪوال ۾ يون??ور??ٽي جو آغاز ڪيو آهي، ه?? اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي چڪوال يون??ور??ٽي ۾ مدعو ڪيو. هن اسپيڪر کي اخوت جي نوجوانن کي آن لائن ڪاروبار جهڙوڪ ايميزون وغيره جي تربيت ڏيڻ جي نون منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.