اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف سمُورا قيمتي غيرملڪي تحفا ??اتي استعمال ۾ آڻڻ بدران توشه خانه ۾ جمع ڪرائ?? جي منفرد روايت ۽ مثال قائم ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اهي تحفا مستقل طور تي وزيراعظم هائوس ۾ رکيا وڃن ته جيئن عوام دوست ملڪن جي پاڪستان سان محبت کان آگاهه ٿئي، ان مقصد جي لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ جڳهه رکي وڃي. سرڪاري ذريعن موجب وزيراعظم شه??از شريف پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ??نفرد مثال ۽ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ ??ئين روايت قائم ڪئي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته وزيراعظم کي ملندڙ غيرملڪي تحفا مستقل طور تي وزيراعظم هائوس ۾ رکيا وڃن. وزيراعظم شه??از شريف هدايت ڪئي ته غيرملڪي تحفا ??وام کي ڏيکارڻ جو اهتمام ڪيو وڃي ته جيئن عوام دوست ملڪن جي پاڪستان سان محبت کان آگاهه ٿئي. وزيراعظم شه??از شريف جي هدايت تي وزيراعظم هائوس ۾ جڳهه رکي وئي آهي. سرڪاري ذريعن موجب وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ کان ملندڙ تحفا ??رڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. توشه خانه ۾ جمع ڪرايل تحفن جي ماليت 27 ڪروڙ رپيا آهي. وزيراعظم کي اهي قيمتي تحفا نار ملڪن جي دورن دوران مليا هئا. تحفن ۾ هيرن سان ٺهيل ٻه قيمتي گهڙيون به شامل آهن. هڪ گهڙيءَ جي ماليت 10 ڪروڙ ۽ ٻي جي قيمت 17 ڪروڙ ٻڌائي وئي آهي. سرڪاري ذريعن موجب نار رياستن پاران وزيراعظم شه??از شريف کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگا تحفا ڏنا ويا جڏهن ته وزيراعظم گهڙيون، قيمتي قلم، مُنڊي، ڪف لنڪ (بٽڻ) ۽ خوشبو سميت سمورا وڏي قيمت وارا تحفا ??وشه خانه ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ذريعن موجب شه??از شريف پنجاب جي وڏي وزير طور پنهنجي 10 سالا دور ۾ ملندڙ سمورا غيرملڪي تحفا ??وشه خانه ۾ جمع ڪرائيندو رهيو آهي.